سينيٽ پاران انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ منظور

سينيٽ پاران انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ اوڪاڙه فارمز جي آبادگارن جو پراڻو مسئلو حل نه ٿيڻ بابت انساني حقن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرپرسن پاران سينيٽر جهانزيب جمالديني ان معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي بعد ۾ هن رٿ پيش ڪئي ته فنڪشنل ڪميٽي جي رپورٽ کي غور هيٺ آندو وڃي ۽ منظور ڪيو وڃي، چيئرمين ايوان جي راءِ حاصل ڪئي ايوان رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:29