سينيٽ اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

سينيٽ اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي کانسواءِ ايجنڊا ۾ شامل ٻيا معاملا اڪلايا ويا، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جو بل 2016ع جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، جنهن کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو صدارتي فرمان پڙهي ٻڌايو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:27