وزيراعظم کي 39 انڪوائريون موڪليون ويون: قومي اسيمبلي کي آگاهي

وزيراعظم کي 39 انڪوائريون موڪليون ويون: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02 فروری2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته سي ڊي اي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جوڙيل عدالتي ڪميشن پاران وزيراعظم کي 39 انڪوائريون موڪليون ويون، 21 جون رپورٽون ملي ويون آهن جڏهن ته 18 التوا هيٺ آهن. خميس ڏينهن سوالن جي وقفي دوران مزمل قريشي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري مائزه حميد ٻڌايو ته سي ڊي اي ۽ عدالت اسلام آباد جي جوڙيل عدالتي ڪميشن پاران وزيراعظم کي موڪليل ڪل انڪوائريون 39 آهن، انهن تي 21 جون رپورٽون ملي ويون آهن 18 التوا هيٺ آهن.