انگ اکر گڏ ڪرڻ سان سماجي خدمتن ۾ مدد ملندي: سردار اياز صادق

انگ اکر گڏ ڪرڻ سان سماجي خدمتن ۾ مدد ملندي: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) جديد سائنسي بنيادن تي گڏيل قومي سماجي ۽ اقتصادي رجسٽري جي ڊيٽا سان آدمشماري جا انگ اکر جوڙڻ ۽ ٻين سماجي خدمتن ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق انٽرنيشنل ڪانفرنس آن نيشنل سوشو اڪنامڪ رجسٽري کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته نه رڳو غربت بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ٻيون خدمتون جن ۾ صحت بابت آگاهي، معذوري، بيماري وغيره شامل آهن انهن جي لاءِ پڻ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڊيٽا سان ڳوٺاڻن ماڻهن جي لاءِ ووڪيشنل تربيت پڻ ممڪن ٿيندي. ڪالهه اربع ڏينهن هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت عالمي ڪانفرنس ۾ خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته ڊگهي مدي واري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي ڪوشش سان اسان کي مستقبل ۾ ترقياتي منصوبن ۾ مدد ملندي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي مدد اسان جو بنيادي مقصد آهي. ان موقعي تي ماروي ميمڻ چيو ته غربت جي سروي جي لاءِ هاڻي ڪاغذن بدران ڪپيوٽر ذريعي داخلا ڪئي پئي وڃي ۽ اليڪٽرانڪ نظام ذريعي ڊيٽا جي ڊجيٽل رجسٽريشن ڪئي پئي وڃي جنهن تحت فيلڊ ٽيمون ڪم ڪنديون. هن چيو ته 12 ضلعن ۾ گهر گهر وڃي ڊيٽا جوڙڻ جو عمل هن ئي هفتي شروع ٿي ويندو. ڪانفرنس ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن، سفارتڪارن، سرڪاري آفيسرن ۽ سماجي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.