سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سرڪاري دوري تي بيلاروس پهچي ويو

سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سرڪاري دوري تي بيلاروس پهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيلاروس پهچي ويو آهي. هو بيلاروس جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي دعوت تي پاڪستان جي پهرين پارلياماني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ آهي. وفد ۾ سينيٽ ميمبر ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ جا سينيئر آفيسر شامل آهن. ان دوري دوران سينيٽ چيئرمين بيلاروس جي صدر، وزيراعظم، اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڪائونسل آف ريپبلڪ آف نيشنل اسيمبلي جي چيئرمين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ان دوران ٻنهي ملڪن جي مٿئين ايوانن جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ياداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ آهي. ان دوري سينيٽ چيئرمين مختلف تاريخي جاين تي جو دورو پڻ ڪندو.