چونڊ سڌارن بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

چونڊ سڌارن بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) چونڊ سڌارن بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نگران ڪابينا جي ميمبرن جو انگ 10 رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي اتفاق نه ٿي سگهيو. ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ڪنوينر زاهد حامد جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري وزارت سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ مختصر بريفنگ ڏيندي زاهد حامد ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جا ميمبر آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پنهنجي موقف تان هٽي ويا، ٻنهي پارٽين 62 ۽ 63 جي اصل حالت ۾ بحالي جي تجويز ڏني، اڄ ٻنهي پارٽين پنهنجو وقف بدلائي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته اجلاس دوران نگران ڪابينا جي ميمبرن جو انگ 10 رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ 2 کان وڌيڪ سيٽن تي چونڊ وڙهڻ تي پابندي تي به اتفاق نه ٿي سگهيو، 2 کان وڌيڪ سيٽن تي چونڊ ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه هوندي.