قومي اسيمبلي پاران ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) بل 2016ع منظور

قومي اسيمبلي پاران ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) قومي اسيمبلي ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، ايوان کان رٿ جي منظوري وٺڻ کانپوءِ اسپيڪر بل جي سمورين شقن جي منظوري ورتي، قانو نواري وزير رٿ پيش ڪئي ته ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) بل 2016ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي اتفاق راءِ سان بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.