قومي اسيمبلي پاران ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪائونسلز (ترميمي) بل 2016ع منظور

قومي اسيمبلي پاران ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪائونسلز (ترميمي) بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) قومي اسيمبلي ليگل پريڪٽيشنرز اينڊ بار ڪائونسلز (ترميمي) بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته ليگل پريڪٽيشنرزس اينڊ بار ڪائونسلز (ترميمي) بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، رٿ جي منظوري کانپوءِ اسپيڪر بل جي سمورين شقن جي ايوان کان منظوري ورتي، قانون واري وفاقي وزير رٿ پيش ڪئي ته بل منظور ڪيو وڃي جنهن تي قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.