قومي اسيمبلي پاران ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2016ع منظور

قومي اسيمبلي پاران ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) قومي اسيمبلي ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن وفاقي وزير ڪامران مائيڪل رٿ پيش ڪئي ته ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2016ع کي غور هيٺ آندو وڃي، مخالف ڌر پاران بل جي مخالفت ڪئي وئي، نواب يوسف ٽالپر چيو ته هن بل سان اسان جو اختلافي نوٽ لڳل آهي، ٻارن جي گهٽ کان گهٽ عمر 16 سال کان گهٽ ڪري 14 سال نه ڪئي وڃي، ڊاڪٽر شيرين مزاري، حاجي غلام احمد بلور، شيخ صلاح الدين، ڊاڪٽر عارف علوي، جمشيد احمد دستي، عبدالوسيم، شازيه مري ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا بل جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ٻارن جي ڏوهن ۽ چائلڊ ليبر جي گهٽ کان گهٽ عمر جي حد 16 سال کان گهٽ ڪري 14 سال نه ڪئي وڃي ۽ بل ڪميٽي ڏانهن واپس موڪليو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته قانونسازي اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي. قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته بل جي حوالي سان ڪميٽي جي رپورٽ سان گڏ جيڪو اختلافي نوٽ لڳل آهي اهو هن بل جي حوالي سان نه آهي، اهو اختلافي نوٽ جنهن بل جي حوالي سان آهي اهو تمام گهڻو اڳ هن ايوان مان منظور ٿي چڪو آهي جيڪو ٻارن جي ڏوهن جي حوالي سان هو، هي بل ٻارن جي حقن بابت آهي، هن بل جي منظوري عالمي ڪنوينشن تحت ٻارن جي حقن جي قومي ڪميشن بابت آهي، اختلافي نوٽ غلطي سان هن بل سان گڏ لڳايو ويو آهي. ايس اي اقبال قادري چيو ته هي اهم بل آهي، منظور ٿيڻ گهرجي پر هن بل کي آئين تحت هتي منظور نه ٿو ڪري سگهجي، ڪنهن صوبائي اسيمبلي جي قرارداد ڏيارڻي ضروري آهي. شيرين مزاري چيو ته اختلافي نوٽ غلطي سا ڪميٽي جي رپورٽ سان گڏ ڇو هنيو ويو آهي، ڪميشن جو دائره اختيار واضح هجڻ گهرجي. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته بل جا مقصد تفصيل سان بيان ڪري ڇڏيا آهن، آئين جي چوٿين شيڊيول ۾ بل جي منظوري جو اسان کي اختيار حاصل آهي ۽ ان جي منظوري عالمي معاهدن موجب آهي. وفاقي وزير ڪامران مائيڪل چيو ته انساني حقن واري ڪائونسل جون سفارشون موجود آهن ۽ اهو نيشنل ايڪشن پلان جو به حصو آهي. هن چيو ته ڪميٽي هڪ سال تائين هن بل تي غور ڪيو، ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جا ميمبر موجود هئا. صاحبزاده يعقوب چيو ته مخالف ڌر کان راءِ وٺي بل منظور ڪيو وڃي. شازيه مري چيو ته قانون واري وزير جي دليل سان اسان اتفاق نه ٿا ڪريون، مخالف ڌر جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته مخالف ڌر جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن، اسان کي ڪميشن جي اسڪوپ تي اعتراض آهي. وفاقي وزير ڪامران مائيڪل چيو ته هي بل رڳو ڪميشن قائم ڪرڻ جي حوالي سان آهي، ٻارن جي ويلفيئر ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ ڪيترائي بل منظور ٿي چڪا آهن ٻيا بل به ايندا، هي بل ڪميشن قائم ڪرڻ بابت آهي. اسپيڪر پهرين خواندگي ڳڻپ ڪرائي، قومي اسيمبلي بل غور هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي، ان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر بل جي سمورين شقن جي منظوري ورتي، وفاقي وزير ڪامران مائيڪل رٿ پيش ڪئي ته ٻارن جي حقن بابت ڪميشن بل 2016ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.