زراعت جو شعبو ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: رانا محمد افضل خان

زراعت جو شعبو ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: رانا محمد افضل خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، زرعي قرضن تي وياج جي شرح وڌيڪ آهي، ايوان جي سليڪٽ ڪميٽي معاملي جو جائزو وٺندي، اسان جي ڪوشش آهي ته زرعي شعبي جي قرضن تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ رانا محمد حيات جي زرعي ترقياتي بئنڪ پاران آبادگارن کي 16.4 سيڪڙو وياج جي شرح تي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ پاران صنعتڪارن کي 5.75 سيڪڙو وياج جي شرح تي قرض ڏيڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مخالف ڌر کي اطمينان سان ان معاملي تي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ آبادگارن کان 16.5 سيڪڙو بدران ٽن ڪيٽيگيرين جي لاءِ 12.5، 12.5 ۽ 14.5 سيڪڙو تي قرض ڏي ٿي، اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ به ڄاڻايل شرح کان وڌيڪ تي قرض ڏي ٿي. هن چيو ته زرعي قرضن تي وياج جي شرح واقعي وڌيڪ آهي، هن ايوان جي سليڪٽ ڪميٽي ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن چيو ته ننڍن زرعي قرضن تي بئنڪاري جي انتظامي لاڳت وڌيڪ ٿئي ٿي، ان لاءِ وياج جي شرح وڌيڪ ٿئي ٿي. زرعي معاملو صوبن سان لاڳاپيل آهي ان لاءِ پنجاب حڪومت زرعي قرضن تي 1.5 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته زرعي شعبي جي قرضن تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ميمبرن جي سفارشن جو احترام ڪيو ويندو. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي رانا محمد حيات خان، رشيد احمد خان، شيخ فياض الدين ۽ معين وٽو جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته ميمبرن جي خدشن کي ايوان جي سليڪٽ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندو ويندو. زرعي ريسرچ جي ادارن کي وڌيڪ فنڊ ڏيڻ سان گڏوگڏ مانيٽري جو نظام بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي، زرعي قرضن جي حوالي سان هن بئنڪ جو ڪردار رڳو 20 سيڪڙو آهي جڏهن ته 80 سيڪڙو ڪردار ٻيون واپاري بئنڪون ادا ڪن ٿيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زرعي قرضن تي وياج جي شرح کانسواءِ ريڪوري فيس وصول نه ٿي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي قيمتن تي حڪومت سبسڊي واپس ناهي ورتي، ان حوالي سان خبرن ۾ ڪا سچائي نه آهي. هن چيو ته بئنڪن جي پاڻ ۾ قرضن جي وياج جي شرح 5.75 سيڪڙو آهي، ان وياج جي شرح تي صنعتڪارن کي قرض نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته زرعي ترقياتي بئنڪ جي 80 ارب رپين جي غيرفعال قرضن کي اسان جي حڪومت اقتدار ۾ اچي ايڪويٽي ۾ تبديل ڪري بئنڪ کي تباهي کان بچايو آهي.