پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران 2018ع تائين ملڪ ۾ مڪمل ٿيندڙ ننڍن ڊيمن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش

پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران 2018ع تائين ملڪ ۾ مڪمل ٿيندڙ ننڍن ڊيمن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) پاڻي ۽ بجلي واري وزارت 2018ع تائين ملڪ ۾ مڪمل ٿيندڙ ننڍن ڊيمن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا. اربع ڏينهن سوالن واري وقفي دوران طاهره بخاري جي سوال جي جواب ۾ پاڻي ۽ بجلي واري پارلياماني سيڪريٽري چوڌري جعفر اقبال ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 4 ارب 64 ڪرور 74 لک روپين جي لاڳت سان 100 تاخيري ايڪشن ڊيم جي تعمير جو ڪم 76 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، خيبرپختونخوا ۾ 3 ارب 60 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان 20 ننڍن ڊيمن جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهي، سنڌ ۾ 12 ارب 21 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان گهٽ پاڻي زخيرو ڪرڻ وارا ڊيم، پاڻي روڪڻ جي بندن ۽ ٻين جي تعمير جو ڪم 35 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، خيبرپختونخوا ۾ صنم پولئي ۽ ڪنڊال ڊيم جي تعمير جو ڪم 45 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي، شادي خوڙ ڊيم جي تعمير جو ڪم 98 سيڪڙو، طوئي وار باتوزئي اسٽوريج ڊيم پراجيڪيٽ جو ڪم 60 سيڪڙو جڏهن ته قلات ۾ ننڍن ڊيمن جي تعمير جو ڪم 19 سيڪرو مڪمل ٿي چڪو آهي.