هيپاٽائيٽس پروگرام جو جائزو ورتو پيو وڃي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

هيپاٽائيٽس پروگرام جو جائزو ورتو پيو وڃي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 01 فروری2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته هيپاٽائيٽس پروگرام جو جائزو ورتو پيو وڃي، اسپتالن ۾ ٽي بي جون دوائون دستياب آهن، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران ثريا جتوئي جي سوال جي جواب ۾ چوڌري جعفر اقبال ٻڌايو ته هيپاٽائٽس پروگرام جو عالمي ادارو صحت،، اي ايم آر او، سي ڊي سي ۽ يو ايس اي جي ذريعي جائزو ورتو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته اسپتالن ۾ ٽي بي جون دوائون دستياب آهن، جڏهن ته آسيه ناز تنولي جي سوال جي جواب ۾ قومي صحت واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته هيپاٽائيٽس جي لاءِ هروني گوري جي رجسٽريشن بورڊ منظوري ڏئي ڇڏي آهي.