انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ثريه اصغر رٿ پيش ڪئي ته انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پارلياماني سيڪريٽري چوڌري جعفر اقبال چيو ته ارسا جي رپورٽ باقاعده حڪومت کي پيش ڪئي ويندي آهي، ان حوالي سان اڄ تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪنهن جهيڙي جي رپورٽ ناهي ڏني وئي، هن بل جي حمايت نه ڪئي تنهن هوندي به هن بل کي ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو، ايوان مان اجازت ملڻ تي ثريه اصغر بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.