قومي اسيمبلي ۾ آئيني (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي رٿ رد

قومي اسيمبلي ۾ آئيني (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي رٿ رد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 31جنوری2016ء) قومي اسيمبلي آئيني (ترميمي) بل 2017ع پيش ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي جڏهن ته قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبرن، وڏن وزيرن، وزيراعظم ۽ ان جا نمائندا شامل هوندا آهن، ان ۾ وڌيڪ ترميم جي گنجائش نه آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مزمل قريشي رٿ پيش ڪئي ته آئيني (ترميمي) بل 2017 پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخالف ڌر اڳواڻن کي نمائندگي ڏئي سگهبي. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر، وڏا وزير ۽ وزيراعظم ۽ ان جا نمائندا شامل هوندا آهن، ان ۾ وڌيڪ ترميم جي گنجائش نه آهي، مزمل قريشي پنهنجي رٿ تي زور ڏنو ۽ چيو ته مرڪز ۽ صوبن ۾ اپوزيشن کي اين اي سي ۾ ڪردار ملڻ گهرجي، اسپيڪر ايوان مان راءِ ورتي، قومي اسيمبلي بل کي پيش ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي.