ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ

ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس  مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) ايم ڪيو ايم ايوان مان هنگامي آرائي جي خلاف قومي اسيمبلي مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو، ڪالهه خميس ڏينهن اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر اقبال محمد علي خان چيو ته هن مقدس ايوان ۾ جيڪو طوفان بدتميزي ٿي جيڪا ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آئي آهي، مهمانن جي گئلرين ۾ شاگرد به ويٺل هئا ، هو پنهنجي گهرن ۾ وڃي ڇا ٻڌائيندا، هن ايوان جي بدترين توهين ڪئي وئي آهي، هتي گاريون ڏنيون ويون ۽ ماڻهن جي ڪالرن ۾ هٿ وڌا ويا، اسپيڪر کي رولنگ ڏيڻ گهرجي، مخالف ڌر کي هتي موجود هجڻ گهربو هو، بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي فيصلن جو احترام ناهي ڪيو ويو، هي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪيو ويو ان جي ذميداري مخالف ڌر اڳواڻ تي لاڳو ٿئي ٿي، اسان هن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪريون ٿا، ان سان گڏ ئي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن واڪ آئوٽ ڪري ويا، اسپيڪر وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد کي هدايت ڪئي ته ايم ڪيو ايم کي پرچائي واپس وٺي اچي. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 22:12