قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شديد هنگامو

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شديد هنگامو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 26جنوری2016ء) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن شديد هنگاما ڪري ڊيسڪن تي پيل آئين جي ڪتابن سميت ٻي مواد کي پيرن هيٺيان لتاڙيندا رهيا، ميانوالي مان ميمبر امجد خان، سوات مان ميمبر مراد سعيد، جمشيد دستي، شهريار آفريدي سميت ٻين پي ٽي آءِ ميمبرن مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن تي حملا آور ٿيندا رهيا، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان ۾ ماحول جي خرابي جو ذميدار شاهه محمود قريشي کي قرار ڏيندي چيو آهي ته هن منصوبابندي سان هي سڀ ڪجهه ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت پاناما جي حوالي سان بحث کي سهيڙڻ جي لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي، ان کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي جنهن کانپوءِ اضطراب جي ڪيفت هئي، ان پوري تناظر جي سامهون رکندي سپريم ڪورٽ معاملي کي سلجهائڻ لاءِ پاڻمرادو ڪارروائي شروع ڪئي، اسان عدالت ۾ وڃـڻ جو فيصلو ڪيو، پنهنجي تقرير دوران شاهه محمود قريشي ايوان ۾ نعرا لڳائڻ شروع ڪيا ته اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته توهان سڀني جي ڪيل ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، مون ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو جنهن جو غلط فائدو کنيو ويو، هي انتهائي غير مناسب ڳالهه آهي، جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته اجلاس ملتوي ڪرڻو پوندو، مخدوم شاهه محمود قريشي ان جي اعتماد کي ڌڪ رسايو آهي، ان دوران حڪومتي ميمبرن به پي ٽي آءِ جي خلاف نعريبازي شروع ڪري ڇڏي، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، شاهد خاقان عباسي، خواجه سعد رفيق، زاهد حامد ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن جو صبر ۽ تحمل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اسپيڪر چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن ايوان جو ماحول خراب ڪيو، شايد اها ئي انهن جي منصوبابندي هئي، سيد نويد قمر چيو ته تحريڪ استحقاق تي 7 ميمبرن جون صحيحون آهن، ٻين پنج ميمبرن کي به ان طرح ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، اسپيڪر چيو ته جيترا ميمبر مخالف ڌر مان ڳالهائيندا ايترا ئي حڪومت طرفان ڳالهائڻ جو به حق حاصل آهي، سيد نويد قمر چيو ته اسان تحريڪ استحقاق جي ڌر آهيون، اسان کي ڳالهائڻ جو حق آهي، ان دوران تحريڪ انصاف جي ميمبرن هڪ دفعو ٻيهر اسپيڪر جي سامهون اچي جمع ٿي ويا هنن وري نعريبازي شروع ڪري ڇڏي جنهن تي شاهد خاقان عباسي، شاهه محمود قريشي ۽ نويد قمر وٽ ويا ۽ انهن کان ايوان جو معاملو ٿڌو رکڻ جي درخواست ڪئي تنهن هوندي به ان دوران اقليتي ميمبر جي آواز ڏيڻ تي هڪ دفعو ٻيهر تلخي ٿي وئي ۽ مراد سعيد سميت ٻين پي ٽي آءِ ميمبرن شاهد خاقان عباسي تي حملو ڪري ڏنو، تحريڪ انصاف جي ميمبرن ڊائيس تي چڙهي آئين جي ڪتابن ۽ ٻي مواد کي پيرن هيٺيان لتاڙيندا رهيا، بعد ۾ اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ۽ شاهه محمود قريشي تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي وٺي ايوان مان هليو ويو. اي پي پي/ش – چ/ ر – م 22:25