پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي لاءِ سينيٽ جي 6 ميمبرن جي نالن جو اعلان

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي لاءِ سينيٽ جي 6 ميمبرن جي نالن جو اعلان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20نوری2016ء) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي لاءِ سينيٽ جي 6 ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران چيئرمين جي هدايت تي سينيٽ سيڪريٽري اعلان ڪيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي لاءِ ميمبرن جون نامزدگيون ڪيون ويون آهن، چيئرمين 6 سينيٽرن جي منظوري ڏني آهي، ان سلسلي ۾ بيلٽنگ به ڪئي وئي آهي ۽ هڪ طريقيڪار اختيار ڪيو آهي جنهن تحت پنجاب مان مسلم ليگ (ن) جو چوڌري تنوير خان، سنڌ مان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي شيري رحمان، ڪي پي ڪي مان پي ٽي آءِ جو محمد اعظم سواتي، بلوچستان مان جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري، اسلام آباد کان پي ايم ايل (ق) مشاهد حسين سيد ۽ فاٽا مان هدايت الله خان چونڊيا ويا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:53