اي ۽ او ليول جي شاگردن کي برابر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو معاملو ڪميٽي حوالي

اي ۽ او ليول جي شاگردن کي برابر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو معاملو ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20نوری2016ء) ايوان جي اجلاس ۾ صدارت ڪندڙ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري اي ۽ او ليول جي شاگردن کي برابر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي معاملي کي لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو جڏهن ته بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو ته اي ۽ او ليول جي شاگردن کي هڪجهڙا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي معاملي جو جائزو وٺي سگهجي ٿو، سينيٽ جي ڪميٽي ان معاملي تي غور ڪري، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر عائشه رضا فاروق جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ٻڌايو ته انٽر بورڊ ڪميٽي آف چيئرمين پاران او ۽ اي ليول جي شاگردن کي هڪجهڙائي جا سرٽيفڪيٽ عطا ڪرڻ واري بورڊ جا 46 ميمبر آهن، هڪجهڙائي جي معاملي کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، مختلف تعليمي بورڊ جي نمائندن کانسواءِ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا به ان بورڊ جا ميمبر هوندا آهن، ان معاملي جو سينيٽ جيڪڏهن جائزو وٺڻ چاهي يا ڪميٽي کي اهو معاملو موڪليو وڃي ته اتي ان معاملي جو تفصيلي جائزو وٺي سگهجي ٿو، ان معاملي کي لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن اتي ان جو جائزو وٺي سگهجي اسان ان حوالي سان بهتري جي لاءِ ڪافي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، امتحاني نظام کي صحيح ڪرڻ لاءِ صوبا به ڪافي ڪم ڪري رهيا آهن، اي ۽ او ليول جي شاگردن کي ڊس ايڊوانچرز جو جائزو ضرور وٺڻ گهرجي، چيئرمين اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. ان کان اڳ سينيٽر عائشه رضا فاروق ان معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته اي ۽ او ليول جي شاگردن کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:50