ڏکڻ آفريقا ۾ پاڪستاني سفارتخاني مشن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪا شڪايت موصول ناهي ٿي: عبدالقادر بلوچ

ڏکڻ آفريقا ۾ پاڪستاني سفارتخاني مشن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪا شڪايت موصول ناهي ٿي: عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20نوری2016ء) سيفران واري وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ پاڪستاني سفارتخاني مشن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪا شڪايت موصول ناهي ٿي، هاءِ ڪمشنر سميت اتي 25 ماڻهن جو عملو مقرر آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ سيفران واري وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته ڏکڻ آفريقا ۾ پاڪستاني سفارتخاني مشن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪا به شڪايت ناهي ملي، نجم الثاقب اتي هاءِ ڪمشنر آهي ۽ ان سميت 25 ماڻهن جو عملو مقرر آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:30