سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشن ۾ 30 ماڻهن جو عملو ڪم ڪري رهيو آهي: سينيٽ کي آگاهي

سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشن ۾ 30 ماڻهن جو عملو ڪم ڪري رهيو آهي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20نوری2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشن ۾ 30 ماڻهن جو عملو ڪم ڪري رهيو آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ سيفران واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته سريلنڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني مشن ۾ ميجر جنرل (ر) سيد شڪيل حسين هاءِ ڪمشنر آهي ان سميت 30 ماڻهن جو عملو سريلنڪا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، مشن جي ڪنهن به اهلڪار خلاف ڪا شڪايت ناهي ملي، منسٽر ڊي ايڇ ايم سرفراز خان سپرا مشن ۾ پنهنجو عرصو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ ان جي بدلي هيڊڪوارٽرز ۾ ڪئي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته سفارتخانن مشن جي ماڻهن کي جيڪي ذميداريون ڏنيون وينديون آهن ان جي حوالي سان انهن جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو ويندو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:33