قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20نوری2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ڪميٽي جي ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ شاهده اختر علي کانسواءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ موسمياتي تبديلي جي وزارت جي 09 -2008ع جي التوا ۾ پيل آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، هڪ آڊٽ اعتراض جي جائزي دوران موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته جهنگلي جيوت صوبائي معاملو آهي ۽ ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان 19 عالمي معاهدن سان ڳنڍيل آهي جنهن سان پاڪستان جا رابطا آهن جهنگلي جيوت جي لاءِ 4 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ورلڊ بئنڪ کان به رقم اچي رهي آهي سمورن صوبن جا پنهنجا پنهنجا منصوبا آهن. صوبن جي ذريعي انهن جي منصوبن تي رقم خرچ ڪئي ويندي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي آڊٽ اعتراضن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، ڪميٽي آڊٽ اعتراض اڪلائيندي هدايت ڪئي ته وزارتن ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط هر ممڪن طريقي سان يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪميٽي هي به هدايت ڪئي ته سمورن ادارن جي گهرجي ته هو محڪماڻين ڪميٽين جي اجلاسن جو انعقاد يقيني بڻائين ته جيئن آڊٽ اعتراض پي اي سي جي سامهون اچڻ جي نوبت ئي نه اچي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:19