ڀارت ڪشمير مسئلي، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي ڪاميابين تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ ۽ پنهنجي سياسي ضرورتن تحت ڇڪتاڻ برقرار رکڻ چاهي ٿو: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

ڀارت ڪشمير مسئلي، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي ڪاميابين تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ ۽ پنهنجي سياسي ضرورتن تحت ڇڪتاڻ برقرار رکڻ چاهي ٿو: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي ڪاميابين تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ ۽ پنهنجي سياسي ضرورتن تحت ڇڪتاڻ برقرار رکڻ چاهي ٿو، ان ئي لاءِ ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي فائرنگ ۽ سرجيڪل اسٽرائيڪ جا ڊراما ڪري رهيو آهي، سرجيڪل اسٽرائڪ جي جيڪڏهن واقعي ڪا ڪوشش ڪئي ته اهڙو جواب ڏينداسين جو هو جعلي سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڳالهه ڪرڻ به وساري ويهندو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سينيٽر سحر ڪامران پاران ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران ڪيل خلاف ورزين سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي چيو ته ميمبرن جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي حڪومت جا به اهي ئي خيال آهن، ڀارت 30 نومبر 2016ع تائين 325 ڀيرا جنگبندي معاهدي جون خلاف ورزيون ڪيون آهن انهن مان 290 ڪنٽرول لائين تي ڪيون آهن، باقي ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب 45 سويلين شهيد ۽ 138 زخمي ٿيا، ڀارت ڪشمير ۾ جاري تحريڪ تان دنيا جو ڌيان هٽرائڻ جي لاءِ اهو ڪيو آهي، ڀارت چاهي ٿو ته ڪشمير ۾ جاري تحريڪ جو پاڪستان سان تعلق ڳنڍيو وڃي، ڪشمير ۾ جاري تحريڪ ڪشميرين جي پنهنجي تحريڪ آهي، اسان ان جي سفارتي، اخلاقي، سياسي حمايت ڪريون ٿا، ڪشميري نوجوانن جي تحريڪ پنهنجي منزل تي پهچندي، 1989ع ۾ به ڀارت پاڪستان تي الزام هنيو پر نه عالمي برادري ۽ نه ئي ڀارتي عوام هاڻي ڀارت جي ڏٽي ۾ ايندي. ڀارت پاڪستان ٺوس ڳالهيون نه ٿو چاهي، پنهنجي اندروني حالتن ۽ سياسي ضرورتن تحت هو ڇڪتاڻ رکڻ چاهي ٿو، اتي ٻن رياستن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، موجوده ڀارتي حڪومت جون پاليسيون اتان جي عوام ۾ غيرمقبول آهن، پنهنجي عوام جو ڌيان هٽرائڻ جي لاءِ ڊراما ڪندو رهي ٿو، گولاباري، فائرنگ جي واقعا ۽ سرجيڪل اسٽرائيڪ به ان ئي قسم جو ڊرامو هو، اسان جي فوج ڀارتي جارحيت جو پورو جواب ڏيندي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي فوج جهڙي طرح دهشتگردي جو خاتمو آندو آهي ان کي عالمي برادري به ساراهي ٿي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:05