سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت طرفان ڪيل مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت

سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت طرفان ڪيل مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت طرفان ڪيل مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ عدم استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينٽر سحر ڪامران رٿ پيش ڪئي ته هي ايوان ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت طرفان ڪيل مسلسل خلاف ورزين سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي پاڪستانين جون جانيون ضايع ٿيون آهن بحث هيٺ آڻي، رٿ تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي فوج ڪشمير جي مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري ڪري ٿي. ڀارت جا جارحاڻا ارادا آهن ۽ هو پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ مصروف آهي. گڏيل قومون ملٽري آبزرور گروپ کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڀارت جا ارادا پاڪستان جي خلاف آهن، هو پاڪستان ۾ عدم استحڪام جو خواهشمند آهي. سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته ڪراچي معاهدي تحت ڀارت ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڪنڊيدار تارون نه ٿو هڻي سگهي، مشرف دور ۾ ڀارت سيز فائر جو فائدو کڻي کاردار تارون هنيون، ڪشمير مسئلو جهيڙي سان نه ڳالهين سان حل ٿيندو. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ڀارت جنگ برداشت نه ڪري سگهندو، ڀارت ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري ۽ فائرنگ ڪري رهيو آهي، اسان کي مودي وانگر جنگي جنون ۾ مبتلا نه ٿيڻ گهرجي، اها صورتحال ڀارت جي لاءِ به ٺيڪ نه آهي. سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي چيو ته ڀارتي جارحيت ۽ قدمن سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي عالمي فورمن تي اهو معاملو کڻڻ گهرجي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي به حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:00