سينيٽر سراج الحق طرفان آئين جي آرٽيڪل 203 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل رد

سينيٽر سراج الحق طرفان آئين جي آرٽيڪل 203 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل رد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) سينيٽ جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق طرفان آئين جي آرٽيڪل 203 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل رد ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سراج الحق رٿ پيش ڪئي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل آئين (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ان جي تحت آرٽيڪل 203 ۾ وڌيڪ ترميم جي سفارش ڪئي وئي آهي، قانون واري وزير زاهد حامد رٿ جي مخالفت ڪئي. چيئرمين ايوان جي راءِ حاصل ڪئي، رٿ جي حمايت ۾ 7 ۽ مخالفت ۾ 11 ميمبرن راءِ ڏني جنهن تي چيئرمين رٿ رد ڪري ڇڏي. پيپلزپارٽي جي ڪجهه ميمبرن رٿ جي حق ۾ ۽ ڪجهه مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:43