سراج الحق طرفان فحاشي جي خلاف سزائون وڌائڻ جو بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

سراج الحق طرفان فحاشي جي خلاف سزائون وڌائڻ جو بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 16نوری2016ء) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق طرفان فحاشي جي خلاف سزائون وڌائڻ جو بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سراج الحق رٿ پيش ڪئي ته مجموعه تعزيرات پاڪستان 1860ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل مجموعه تعزيرات پاڪستان (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته بل ۾ فحاشي جي خلاف سزائون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، حڪومت مخالفت نه ڪئي جنهن تي چيئرمين ايوان جي راءِ وٺڻ کانپوءِ هي بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م17:41