سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان فوجي عدالتن جي حوالي سان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي: رحمان ملڪ

سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان فوجي عدالتن جي حوالي سان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي: رحمان ملڪ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 13جنوری2016ء) اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان فوجي عدالتن جي حوالي سان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي، قومي ادارن کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي. جمعي ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فوجي عدالتن کي ٻيهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان اتفاق راءِ جي لاءِ فيصلو ڪيو وڃي، ماضي ۾ به ان حوالي سان سمورين سياسي پارٽين مشاورت سان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو هو جيڪڏهن حڪومت ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ بل آڻي ته ان موقعي تي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيب پنهنجي قانون مطابق ڪم ڪري رهي آهي جيڪڏهن ڪا خلاف ورزي آهي ته ان کي سامهون آندو وڃي، هن چيو ته پارليامينٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس آڻڻ درست نه آهي جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ بل آندو وڃي ها ته سٺو هو. اي پي پي/ص – ج/ر – م16:34