پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هر اونڌاهي کي روشني سان شڪست ڏينداسين،

ڪجهه سياستدان هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن جو ڪوڙ ٻڌي ٻڌي عوام به تنگ اچي چڪو آهي، ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿو ونڊايو وڃي ته اسان جو هٿ نه روڪيو ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏيو: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هر اونڌاهي کي روشني سان شڪست ڏينداسين، 
ڪجهه سياستدان هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن جو ڪوڙ ٻڌي ٻڌي عوام به تنگ اچي چڪو آهي، ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿو ونڊايو وڃي ته اسان جو هٿ نه روڪيو ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏيو: وزيراعظم محمد نواز شريف

نارووال (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، هر اونڌاهي کي روشني سان شڪست ڏينداسين، ڪجهه سياستدان هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن جو ڪوڙ ٻڌي ٻڌي عوام به تنگ اچي چڪو آهي، ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿو ونڊايو وڃي ته اسان جو هٿ نه روڪيو ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏيو، غريبن کي صحت جي مفت سهولتن لاءِ قومي صحت پروگرام هڪ عظيم مقصد تحت شروع ڪيو ويو آهي، خدمت خلق سان جيتري خوشي ملي ٿي ڪنهن ٻي ڪم ۾ نٿي ملي، ان پروگرام جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، وزيراعظم ڪالاشاه ڪاڪو کان بدوملهي کي موٽر وي سان ڳنڍڻ ۽ بدو ملهي کان نارووال تائين جي علائقي کي به موٽر وي سان ملائڻ جو اعلان ڪيو. ڪالهه خميس ڏينهن هتي قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو هڪ نيڪ مقصد لاءِ نارووال اچڻ تي گهڻو خوش آهي، موذي مرضن ۾ مبتلا مريضن کي مفت سهولتن جي فراهمي لاءِ قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ هڪ وڏي مقصد تحت شروع ڪيو ويو ۽ نارووال ۾ هڪ لک 60 هزار خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته معاشي ناهموارين کي روڪڻ اسان جو مقصد آهي، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ مون جهڙي ماڻهو کان مخلوق جي خدمت جو ڪم وٺي رهيو آهي جنهن تي وڏي خوشي آهي.، هن چيو ته اهڙا غريب ماڻهو به آهن جيڪي علاج ته پري جي ڳالهه دوا به نٿا وٺي سگهن ۽ اسپتال وڃڻ لاءِ انهن وٽ خرچو ناهي هوندو، منهنجي خواهش هئي ته حڪومت انهن ماڻهن جي مدد لاءِ وسيلا فراهم ڪري، هن چيو ته انهي جذبي تحت وزيراعظم صحت پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ان جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته علاج جي خاطر غريب ماڻهو پنهنجي جائيداد وڪڻي ڇڏيندا آهن ان جي باوجود به هو علاج نٿا ڪرائي سگهن ۽ پوءِ قرض وٺڻ تي مجبور ٿيندا آهن، انهن جا ٻار اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ننڍو وڏو ڪم ڪري گذارو ڪندا آهن، هي اسان جي معاشري جون ناهمواريون آهن جنهن جي اسان کي روڪٿام ڪرڻي آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو هڪ خاندان جيئن آهي جنهن کي برابر جو حق ملڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ روشني جو ڏيئو وسامي ويو هجي ته ان کي ٻيهر روشن ڪرڻ اسان جو فرض آهي، وزيراعظم چيو ته ان نيڪ ڪم ۾ مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، مريم نواز، پنجاب حڪومت ۽ ٻيا ماڻهو شامل آهن، اهو ئي اصل ڪم آهي جيڪو الله کي پسند آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن وڏي بيماري ۾ ورتل آهي ته صحت ڪارڊ سان ان جو پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج ٿي سگهندو، هن چيو ته مريم نواز ٻڌايو آهي ته ڪهڙي طرح صحت پروگرام تحت ماڻهن جو علاج ڪيو پيو وڃي، ڳوٺ جو هڪ غريب ماڻهو جنهن کي دل جي بيماري هئي ۽ هو پنهنجي علاج لاءِ باءِ پاس نٿو ڪرائي پئي سگهيو، ان جو ڪامياب آپريشن ٿيو ۽ هو صحتمند ٿيو، هڪ ٻيو غريب ماڻهو جيڪو ڪينسر ۾ ورتل هو ان کي وزيراعظم صحت ڪارڊ مليو ۽ ان جو شفا انٽرنيشنل اسپتال اسلام آباد ۾ علاج ٿي رهيو آهي ۽ هو هاڻي تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي، اهڙي طرح هزارين اهڙن مريضن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي ۽ اسان قوم جا فيملي ميمبر آهيون. هڪٻئي جي ڏکن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته صحت پروگرام جاري ڪرڻ عظيم مقصد تحت ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته صحت واري وزير کي چيو ويو آهي ته هو اهڙين اسپتالن جو دورو ڪري جتي اسڪيم تحت غريبن جو علاج ٿي رهيو آهي ۽ مريضن جي گهرن تي وڃي انهن جي عيادت ڪئي وڃي، هن چيو ته صحت پروگرام تحت جن مرضن جو علاج ڪيو پيو وڃي انهن ۾ دل جو مرض، باءِ پاس، انجيو پلاسٽي، سڙيل ماڻهو، شوگر ۽ ڪينسر ۽ ٻين مرضن جا مريض شامل آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت اهڙن مريضن جي علاج لاءِ اڍائي لک جي رقم فراهم ڪندي ۽ خرچ وڌڻ تي بيت المال جي ذريعي مدد ڪئي ويندي. وزيراعظم چيوته سياست سياسي جلسن ۾ ڪنداسين، اڄ هتي غريب عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، (ن) ليگ نارووال مان سدائين ڪايمابي حاصل ڪندي رهي آهي، هن چيو ته اسان عوام جي خدمت جي سياست ڪندا آهيون جڏهن ته ڪجهه سياستدان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جيتوڻيڪ اڱاري ۽ اربع تي به گوشت وارن جي موڪل هوندي آهي، هن چيو ته ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ گهڻي خطرناڪ آهي، عوام به ڪوڙ ٻڌي ٻڌي تنگ اچي چڪو آهي، وزيراعظم اهڙن سياستدانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته قوم جو رستو نه روڪيو، انهن کي ترقي جي راهه تي هلڻ ڏيو، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿا ونڊائي سگهو ته ترقي کان به اسان جو هٿ نه روڪيو وڃي ۽ قوم کي خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوڙا سياستدان روزاني ڪا نئين ٻٽاڪ هڻندا آهن پر عوام باشعور آهي، جيڪو ٽي وي ڏسي سمجهي ويندي آهي ته ڇا ڪوڙ آهي ۽ ڇا سچ آهي. هن چيو ته اسان اعليٰ جذبي سان قوم جي خدمت ڪندا رهنداسين ۽ پاڪستان ترقي جون اهي منزلون طئي ڪندو جنهن جو هو حق رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۾ اونداهي ختم ڪرڻ ۽ روشنيون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، لوڊشيڊنگ وڏي حد تائين گهٽ ٿي آهي، 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، بجلي نه هجڻ سبب 2013ع ۾ هر هنڌ مظاهرا ٿي رهيا هئا ۽ ڪارخانن جا مزدور احتجاج ڪري رهيا هئا ته کين بجلي دستياب نه آهي، دهشتگردي عام هئي پر هاڻي حالتون گهڻيون بهتر آهن، دهشتگردن جي چيلهه ٽٽي چڪي آهي، ساڍي ٽن سالن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي ترقي جو اعتراف ڪري رهي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو شمار ايشيا ۽ دنيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي هلندڙ سال واڌ ويجهه جي شرح 5.5 سيڪڙو تائين متوقع آهي، هن چيو ته هاڻي هر شهر صحت پروگرام ۾ شامل ٿيندو، هن موقعي تي وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڪالا شاهه ڪاڪو کان بدوملهي کي موٽر وي سان ڳنڍيوويندو ۽ بدو ملهي کان نارووال تائين جي علائقي کي به موٽر وي سان ملايو ويندو جيڪو نارووال جي عوام لاءِ هڪ تحفو آهي، تقريب کي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، نيشنل هيلٿ سروسز واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، ناڻي واري صوبائي وزير عائشه غوث پاشا به خطاب ڪيو، ان کانپوءِ وزيراعظم مستحقين ۾ قومي صحت ڪارڊز به ورهايا. اي پي پي/ص – ج/ر – م 19:01