سنڌ ۾ 10 هين جماعت جي ڪتابن ۾ آمريت کي جمهوريت کان بهتر قرار ڏيڻ قابل مذمت آهي: ميان رياض حسين پيرزاده

سنڌ ۾ 10 هين جماعت جي ڪتابن ۾ آمريت کي جمهوريت کان بهتر قرار ڏيڻ قابل مذمت آهي: ميان رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته سنڌ ۾ 10 هين جماعت جي ڪتابن ۾ آمريت کي جمهوريت کان بهتر قرار ڏيڻ قابل مذمت آهي، عدالت کان انصاف جي اميد آهي، وزيراعظم تي الزام لڳائڻ افسوسناڪ آهي، خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ 10 هين ڪلاس جي ڪتابن ۾ آمريت کي جمهوريت کان بهتر قرار ڏيڻ قابل مذمت آهي، تعليم جو شعبو اهم آهي ان کي صوبن تي نه ڇڏڻ گهرجي، اهڙا واقعا جيڪڏهن مسلسل ٿيندا رهيا ته ملڪي وسيع تر مفاد ۾ تعليم جو شعبو صوبن کان وٺي وفاق جي حوالي ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪردار سڄي دنيا ڄاڻي ٿي هو پاڪستان جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي جيڪو عوام کي ڊيليور به ڪري رهيو آهي، ان تي الزام لڳائڻ افسوسناڪ آهي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم هر فيصلي ۾ اپوزيشن کي گڏ کڻي هلندو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قانون موجب آف شو ڪمپنين تي ڪا به پابندي نه آهي، عمران خان جي به آف شور ڪمپني هئي، پانامه ڪيس ۾ عدالت کان انصاف جي اميد آهي .اي پي پي/ص – ج/ر – م 16:13