شاهراتي نيٽ ورڪ جي مڪمل ٿيڻ سان اندروني ۽ علائقائي رابطن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ واپاري ۽ صنعتي سرگرميون وڌنديون: وزيراعظم محمد نواز شريف

شاهراتي نيٽ ورڪ جي مڪمل ٿيڻ سان اندروني ۽ علائقائي رابطن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ واپاري ۽ صنعتي سرگرميون وڌنديون: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته شاهراتي نيٽ ورڪ جي مڪمل ٿيڻ سان اندروني ۽ علائقائي رابطن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ واپاري ۽ صنعتي سرگرميون وڌنديون. ڪالهه خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان مختلف موٽر ويز ۽ روڊن جي منصوبن تي عملدرآمد جي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم اين ايڇ اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته روڊن جي وڏي انفراسٽرڪچر منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو وڃي. سمورا روڊ بين الاقوامي معيار موجب بڻايا وڃن ۽ ٺيڪو ڏيڻ ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبا ماڻهن کي روزگار جا هزارين موقعا فراهم ڪري رهيا آهن جنهن جي تڪميل سان اسان جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ نيون راهون کلنديون. اين ايڇ اي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ 1140.74 ارب روپين جي ماليت جا 3047 ڪلوميٽر ڊگهن رستن جا منصوبا تعمير هيٺ آهن جنهن ۾ نجي شعبي جي 150 ارب روپين جي سيڙپڪاري به شامل آهي. انهن منصوبن ۾ حويليان – ٿاڪوٽ، هزاره موٽر وي، هڪله – ڊي آءِ خان، سياڪوٽ – ملتان، لاهور – ملتان، گوجره – شورڪوٽ، سکر – ملتان، ڪراچي – حيدرآباد ۽ حيدرآباد سکر موٽر ويز شامل آهن. چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي عالمي معيار موجب تيز رفتار تعميراتي ڪم کي يقيني بڻائي رهي آهي. اي پي پي/ص – ج/ر – م 17:05