وزيراعظم پاران نارو وال ۾ وزيراعظم جي قومي صحت جو پروگرام جاري

وزيراعظم پاران نارو وال ۾ وزيراعظم جي قومي صحت جو پروگرام جاري

نارووال (پاکستان نیوز پوائنٹ 12جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف خميس ڏينهن نارو وال ۾ وزيراعظم جي قومي صحت جو پروگرام جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سان 200 روپيا ڏهاڙي کان گهٽ آمدني رکندڙ ضرورتمند ماڻهو صحت عامه جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. پنجاب ۾ هي پروگرام چئن ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو ۽ ان سان نارووال جا هڪ لک 34 هزار خاندان فائدو کڻندا. شفاف ڪمپيوٽرائيزڊ نظام جي ذريعي مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. ان پروگرام تحت 7 موذي مرضن ۾ مبتلا ضرورتمند ماڻهن کي ٽي لک روپين جي ماليت تائين علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته ان رقم سان وڌيڪ مجموعي لاڳت جي صورت ۾ مريضن کي ٽي لک روپيا اضافي فراهم ٿيندا. ان کان پهرين هي پروگرام رحيم يار خان ۾ شروع ڪيو ويو ۽ هاڻي ان جو دائرو نارووال، خانيوال ۽ سرگوڌا تائين وڌايو ويو آهي جنهن سان 35 لک ماڻهو فائدو کڻندا. هي پروگرام اسلام آباد، مظفر آباد، ڪوٽلي، ڪوئيٽا، سڪردو ۾ به شروع ڪيو ويو آهي. اي پي پي/ص – ج/ر – م 17:09