سينيٽ چيئرمين مخالف ڌر جي اجلاس ۾ واپس نه اچڻ سبب اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو

سينيٽ چيئرمين مخالف ڌر جي اجلاس ۾ واپس نه اچڻ سبب اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني مخالف ڌر جي اجلاس ۾ واپس نه اچڻ سبب اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران مغرب جي نماز جي وقفي کانپوءِ اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر واڪ آئوٽ تي هئي ۽ مغرب جي نماز جي وقفي کانپوءِ ايوان ۾ واپس نه آيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته راجا ظفرالحق مخالف ڌر کي پرچائڻ ويو آهي، معلوم ڪيو وڃي ته ڇا صورتحال آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر نه ٿي اچي ته اجلاس ملتوي ڪري ٿو ڇڏيان، بعد ۾ سينيٽ چيئرمين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 19:34