جمعي ڏينهن لاڳاپيل وفاقي وزير ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪري: سينيٽ چيئرمين

جمعي ڏينهن لاڳاپيل وفاقي وزير ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪري: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10جنوری2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني هدايت ڪئي آهي ته جمعي ڏينهن لاڳاپيل وفاقي وزير ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪري. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي سينيٽر محسن لغاري ايوان جو ڌيان ان طرف ڇڪرايو ته خبرون آيون آهن ته حڪومت ڀاڻ تي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب ڀاڻ تمام گهڻي مهانگو ٿي ويو آهي ۽ آبادگار سخت پريشان آهن. هن چيو ته اهو اهم معاملو آهي، ان حوالي سان فوري جواب طلب ڪيو وڃي، جنهن تي چيئرمين هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزير جمعي ڏينهن ايوان ۾ اچي ان حوالي سان وضاحت ڪري. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 19:33