وزيراعظم پاران ايران جي اڳوڻي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران ايران جي اڳوڻي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 09جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ايران جي اڳوڻي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جيڪو گذريل ڏينهن تهران ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اڪبر هاشمي رفسنجاني نه رڳو ايران ۾ هڪ بااثر شخصيت هو پر عالمي سطح تي به مفاهمتي امن ڪوششن جي هڪ علامت هو. هن چيو ته هڪ عمليت پسند جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي لاءِ سندس سڌارن واري ايجنڊا مسلمان دنيا جي ٻڌي جي لاءِ پڻ رهنمائي فراهم ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران ايران جي ڀائر عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:18