مريم اورنگزيب پاران نيشنل پريس ڪلب جي نون عهديدارن کي مبارڪون

مريم اورنگزيب پاران نيشنل پريس ڪلب جي نون عهديدارن کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم، سيڪريٽري جنرل عمران يعقوب ڍلون ۽ ٻين عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته موجوده حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ اسان آزاد، خودمختيار ۽ ذميوار ميڊيا جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته صحافين جي ڀلائي ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي، وفاق صوبن سان گڏ صحافين کي به ڪم جي لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪندو. مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته اميد آهي ته نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جا نوان عهديدار صحافين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا. اي پي پي/ع – ک 20:56