صدر پاران فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي ڪم جي ساراهه

صدر پاران فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي ڪم جي ساراهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06جنوری2016ء) صدر ممنون حسين فاٽا کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي مشاورت سان ٺوس سڌارا ڪرڻ تي فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي ڪم کي ساراهيندي علائقي جي عوام جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ سفارشن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز پاران فاٽا سڌارن بابت کيس ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ چئي. خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، رياستن ۽ سرحدي معاملن وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر اميد ظاهر ڪئي ته فاٽا سڌارن واري ڪميٽي تمامد جلد تجويز ڪيل سڌارن بابت مڪمل اتفاق راءِ پيدا ڪري وٺندي جيڪا فاٽا جي عوام کي انهن جي جائز سياسي، قانوني ۽ آئيني حق ڏيڻ ۽ قومي يڪجهتي جي فروغ ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي. اي پي پي/ص – ج/ع - ک 15:49