وزيراعظم سان بحرين ۾ پاڪستان جي سفير جاويد ملڪ جي ملاقات

وزيراعظم سان بحرين ۾ پاڪستان جي سفير جاويد ملڪ جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سان بحرين ۾ پاڪستان جي سفير جاويد ملڪ ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران ڪالهه جمعي ڏينهن جاري بيان موجب هن وزيراعظم کي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ خاص طور تي اقتصادي سفارتڪاري قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن رابطن جي استحڪام خاص طور تي اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ جاويد ملڪ جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪ بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جو پهريون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ بحرين جو پرڏيهي وزير شرڪت ڪندو. بحرين ۾ پاڪستان جي سفير پهرين پاڪ بحرين واپاري موقعن بابت ڪانفرنس کي پڻ اجاگر ڪيو جيڪا بحرين ۾ ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي جڏهن ته ٻي ڪانفرنس مارچ ۾ اسلام آباد ۾ طئي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ بحرين جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو ڪاروباري وفد شرڪت ڪندو. جاويد ملڪ وزيراعظم کي ڪنگ حمد يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا بحرين جي شاهه پاران تحفي طور ڏني وئي آهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:52