عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي ۽ ثبوت ان وٽ موجود نه آهن: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي ۽ ثبوت ان وٽ موجود نه آهن: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي ۽ ثبوت ان وٽ موجود نه آهن، عمران خان الزام هڻي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌرڻو هنيو، گادي واري شهر کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ۽ ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته مني لانڊرنگ ٿي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو ويو ۽ ٽيڪس چوري ٿيو پر عدالت ۾ تسليم ڪيو ته سندس ڪم الزام هڻڻ آهي، ثبوت ڏيڻ نه آهي، عمران خان کي پنهنجي بيان تي شرمنده ٿيڻ گهرجي، هن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ته هن وٽ ثبوت آهن، تحريڪ انصاف پاران چونڊيل وزيراعظم تي بي بنياد الزام افسوسناڪ آهن، ملڪي ترقي جي سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا هئا ۽ مستقبل ۾ به انهن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪالهه اربع ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي ترقي روڪڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي سياست ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪم ثبوت کانسواءِ الزام هڻڻ آهي، الزام خان وٽ شرمندگي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. مملڪتي وزير چيو ته تحريڪ انصاف پاران چونڊيل وزيراعظم کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جڏهن ته عمران خان پاڻ مڃيو آهي ته ان وٽ ثبوت نه آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا کي کڻي اڳيان وڌي رهيو آهي، ملڪي ترقي جي ان سفر ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا هئا ۽ مستقبل ۾ انهن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو. اي پي پي/ع – ک 19:02