والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلم مذمت جوڳا آهن: سردار اياز صادق

والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلم مذمت جوڳا آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي انسانيت سوز ڀارتي ظلم نه رڳو مذمت جوڳا آهن پر آزاداڻي جاچ ۽ ڀارت کان وضاحت طلب ڪرڻ جا گهرجائو آهن، انساني حقن جي علمبردار عالمي ادارن جي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن تي خاموشي افسوسناڪ آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ۾ انهن جي هر قسم جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت فراهم ڪرڻ تي ڪاربند آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي ينگ پارليامينٽرينز فورم جي اهتمام هيٺ ڪشمير جي حوالي سان ٻن ڏينهن واري عالمي پارليامينٽري سيمينار جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ڪشمير بابت عالمي پارلياماني سيمينار ۾ سمورن معزز مهمانن جي آجيان ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي. آئون خاص طور تي وزيراعظم محمد نواز شريف جو ٿورائتو آهيان جو هو هن مسئلي تي منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ موجود آهي، ڪشمير مسئلو يقينن وزيراعظم محمد نواز شريف جي دل جي تمام ويجهو آهي ۽ سندس اسان جي وچ ۾ موجودگي ان ڳالهه کي ظاهري ڪري ٿي ته هو ڪشمير مسئلي ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ سندن هر قسم جي اخلاقي، سياسي حمايت فراهم ڪرڻ تي ڪاربند آهي. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته برهان واني جي شهادت کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، 6 هزار کان وڌيڪ ڪشميري پيلٽ گنن جو نشانو بڻجي چڪا آهن ۽ ڀارتي فوج هڪ پوري نسل کي اکين جي نور کان محروم ڪري چڪي آهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:27