وزيراعظم سان پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير جي ملاقات

وزيراعظم سان پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف گئس صارفين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ڪالهه اربع ڏينهن هتي پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي سان ڳالهائيندي ڏني جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير وزيراعظم کي پيٽروليم واري وزارت جي جاري منصوبن ۽ خاص طور تي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي شعبي ۾ کنيل مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايل اين جي جي درآمد تي اڳڀرائي ۽ مختلف شعبن کي ٻارڻ جي فراهمي لاءِ قدمن بابت پڻ ٻڌايو ويو. وزيراعظم وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته گئس صارفين کي وڌ کان وڌ سهولتون ملن. هن توانائي منصوبن جي حوالي سان گڏيل رابطا وڌائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:30