عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04جنوری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن جنهن مان اسان جي ڪاميابي اقتصادي پاليسين ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ کيس پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ڇهين گڏيل تعاون ڪميٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو جيڪا 29 ڊسمبر تي بيجنگ ۾ ٿي هئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 300 ميگاواٽ بجلي جي منصوبي جي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن ۽ اهو منصوبو جلد شروع ٿيندو، گوادر واٽر سپلائي منصوبو، اسپتال، ٽيڪنيڪل انسٽيتيوٽس ۽ صوبائي هيڊڪوارٽرز ۾ ماس ٽرانزٽ ريلوي منصوبي تي پڻ جي سي سي ۾ ڳالهيون ٿيون. کيس وڌيڪ ٻڌايو ويو ته چين سي پيڪ ۾ انڊس ڪيسڪيڊ منصوبن جو جائزو وٺڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي سي پيڪ تحت 1.5 ارب ڊالر ماليت جي مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائين منصوبي جي معاهدي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ سرگرمي سان پيروي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ماس ٽرانزٽ منصوبن کي چئن صوبن ۾ شامل ڪرڻ تي پاڪستاني ٽيم کي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ ريلوي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو منصوبن جي فزيبلٽيز جي لاءِ پنهنجي وزارت جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيس فراهم ڪري صوبن کي سهولت ڏي. وزيراعظم چيو ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن جنهن مان اسان جي ڪامياب اقتصادي پاليسين ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته شاهراتي رابطن جي منصوبن سان پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ سيڙپڪاري ايندي. وزيراعظم سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي تي مجموعي طور تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صنعتي پارڪس قائم ڪرڻ بابت وزيراعظم وفاقي عملدارن کي هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل هنڌن تي بجلي، گئس ۽ ٽيلي مواصلات جي فراهمي جو عمل شروع ڪن. وزيراعظم ان ڳالهه کي ساراهيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ صوبن جي نمائندگي ٿي ۽ اها ڳالهه اهم آهي ته انهن منصوبن جا فائدا وفاقي ڌرين ۾ برابر طور ورهائجن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:20