وزيراعظم 340 ميگاواٽ جي چشما ٿري جوهري بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم 340 ميگاواٽ جي چشما ٿري جوهري بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

چشما (پاکستان نیوز پوائنٹ 28دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اربع ڏينهن 340 ميگاواٽ جي چشما ٿري جوهري بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پاڻي ۽ بجلي وارو مملڪتي وزير عابد شير علي، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ ڪنٽرول روم ۾ وزيراعظم کي پلانٽ مئنيجر رياض خالق انصاري بريفنگ ڏني، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبو چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي گڏيل تعاون سان مڪمل ڪيو ويو آهي جيڪو ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. چشما ون ۽ چشما ٽو پراجيڪٽ جي ڪامياب آپريشن کانپوءِ هي ٽيون منصوبو آهي. چشما فور نيوڪليئر پاور جو منصوبو 2017ع ۾ مڪمل ٿيندو جڏهن ته ڪراچي نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ ڪي 2 ۽ ڪي 3 سان 2030ع تائين قومي گرڊ ۾ 880 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيندو جيڪو پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي لاءِ وچ مدي وارو هدف آهي. پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي چشما ٿري سميت سمورن نيوڪليئر پاور منصوبن جي منظوري ڏني آهي جيڪا انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي معاهدن جي جوهري معيارن جي عين موجب آهي. چشما ٿري پاور پلانٽ پاڪ چين گڏيل تعاون جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. ان سان صنعتي ۽ واپاري شعبن کي توانائي جي فراهمي ذريعي ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. وزيراعظم محمد نواز شريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 15:34