ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

چشما (پاکستان نیوز پوائنٹ 28دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف توانائي جي کوٽ، دهشتگردي جي لعنت سميت ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي، درپيش مسئلا هڪ هڪ ڪري حل ٿي رهيا آهن، ملڪ مشڪلاتن مان نڪري رهيو آهي، باقي بچيل مشڪلاتون ۽ دهشتگردي به جلد ختم ٿي ويندي، 2018ع تائين نه رڳو ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو پر بجلي سستي به ملندي، ڌرڻا ۽ احتجاج ملڪ جي لاءِ نقصانڪار آهن، اسان صحيح رخ تي گامزن آهيون، ڌرڻن ۽ احتجاج سان ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن، ملڪ تي رحم ڪيو وڃي ۽ رڳو پنهنجي سياست جي لاءِ ملڪ جي مفاد کي قربان نه ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي 340 ميگاواٽ جي چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پاڻي ۽ بجلي وارو مملڪتي وزير عابد شير علي، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم پڻ تقريب ۾ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي خراب حالت هئي، توانائي جي کوٽ هئي، 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل هو. هن چيو ته اسان قوم کي مسئلن مان ڪڍڻ جي عزم جو ا ظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته قوم کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ اسان جنهن سفر جي شروعات ڪئي هئي الله جو شڪر آهي ان سلسلي ۾ اڄ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو آهي. چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جي مڪمل ٿيڻ ۽ ان منصوبي سان 340 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هي منصوبو نيوڪليئر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پاڪ چين تعاون جو واضح ثبوت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثبت ۽ تعميري تعاون ۽ حصيداري ۽ ڀائيچارو نه رڳو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي پر خطي ۾ هڪ نئين دور جي شروعات پڻ آهي. هن چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته چشما فور نيوڪليئر پاور پلانٽ پڻ مقرر مدي کان اڳ يعني 2017ع جي وچ کان اڳ بجلي جي پيداوار شروع ڪري ڇڏيندو. ان کانسواءِ ڪي 2 ۽ ڪي 3 پاور پلانٽس جي تعمير سان جتي توانائي حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو اتي اهو گڏيل لاڳاپن کي به وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم چيو ته منهنجي خوشگوار يادن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته چين جو ٺهيل پهريون پاور پلانٽ چشما ون يونٽ جي تعمير جو معاهدو به اسان جي پهرين حڪومت جي دور ۾ طئي ٿيو هو ۽ انهن ڏينهن ۾ ئي ملڪن جي وچ ۾ نيوڪليئر توانائي جي شعبي ۾ تعاون جو بنياد فراهم ڪيو. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته چشما ۾ هلندڙ جوهري پاور پلانٽ چشما ون ۽ ٽو ملڪ ۾ سڀ کان بهتر پاور پلانٽ آهن جيڪي ملڪ کي سستي اگهن تي 600 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي به خوشي آهي ته ڪينپ جنهن جي ڊيزائن لائيف 2002ع ۾ پوري ٿي چڪي هئي اڄ به محفوظ طريقي سان بجلي جي پيداوار جاري رکي آهي. هن چيو ته عالمي مدد کانسواءِ چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل ڪينپ جي پيداواري صلاحيت هڪ اهم ڪاميابي آهي، انهن منصوبن قابل عمل نيوڪليئر پاور پروگرام جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته چشما ۽ مظفرڳڙهه ۾ 1100 ميگاواٽ جي پيداوار جا وڌيڪ منصوبا به ٺاهيا ويا آهن، اها ڳالهه پوري قوم جي لاءِ خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جوهري ٻارڻ ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، موجوده حڪومت توانائي جي شعبي ۾ هر ضرورت کي پورو ڪندي. هن ان موقعي تي چيني حڪومت سان گڏوگڏ چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن، ايگزم بئنڪ ۽ چيني ڪمپنين جا پڻ ٿورا مڃيا جن ان منصوبي جي لاءِ فني ۽ مالي مدد فراهم ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي، ٽن سالن ۾ حڪومت جي قدمن سان صورتحال ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، اسان پرعزم آهيون ۽ واعدي موجب 2018ع تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ توانائي جي منصوبن جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن نيوڪليئر پاور پلانٽس هڻڻ جي ڪم کي تيز ڪري ۽ هدف کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم ان موقعي تي چيني ڪمپنين کي نيوڪليئر پاور پلانٽس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت ان سلسلي ۾ هر قسم جو تعاون ۽ مدد ڏيندي. هن منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي هتي ڪم ڪندڙ ۽ چين کان آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست آهن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اسان سي پيڪ ۾ به حصيدار آهيون. هن چيو ته سي پيڪ جو منصوبو اسان جي حصيداري کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، موٽرويز، هاءِ ويز، گوادر جي بندرگاهه، گوادر ايئرپورٽ، پاڪستان ريلويز کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت ڪيترن ئي منصوبن تي چين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي چئني صوبن ۾ توانائي جي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان گڏيل مفاد ۾ انهن منصوبن تي ڪم ڪري سگهون ٿا، چين سان اسان جي دوستي جو مضبوط رشتو آهي، اسان جي دوستي آئرن برادز چورائي ٿي ۽ هماليه کان اونچي، سمند کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي نيوڪليئر پاور پروگرام کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي موجوده ۽ آئنده جي منصوبن ۾ حفاظت ۽ احتياط جي رخن تي پڻ ڀرپور نظر رکڻي پوندي. مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي حفاظتي قدمن جي سخت نگراني ڪري رهي آهي ته جيئن ائٽمي بجلي گهرن جي عالمي اصولن ۽ معيار موجب حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ان موقعي تي پي اين آر اي جي عملدارن کي پڻ مبارڪباد ڏني جيڪي بهتر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ حفاظتي قدمن جي سمورن معاهدن جي پاسداري کي يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آئنده جي منصوبن ۾ به ان جي پاسداري کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان موقعي تي چشما جي سمورن ملازمن ۽ عملي کي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته حڪومت توانائي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ ايندڙ نسلون به انهن ڪوششن کي تسليم ڪنديون. وزيراعظم ان موقعي تي ملازمن جي لاءِ ٻن مهينن جي بونس جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته آئون انهن منصوبن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ دعاڳو آهيان، الله تعاليٰ اسان سڀني کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي توفيق عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته چين سان اقتصادي لنگهه تحت تمام گهڻا منصوبا شروع ٿي چڪا آهن انهن جا فائدا به سامهن اچڻ لڳا آهن، انهن منصوبن تي تيز رفتاري سان ڪم ٿي رهيو آهي، ڪراچي، پنجاب، بلوچستان ۾ عمل هيٺ منصوبن ۽ ڪي پي ڪي ۾ به هائيڊرو پاور پراجيڪٽس تي جيتري تيز رفتاري سان ڪم ٿي رهيو آهي ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، انهن منصوبن جي آئون پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، چين به منصوبن تي ڪم جي تيز رفتاري کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيان ٿو ته 2018ع ۾ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ٿي وڃي، عوام سان ڪيل ان واعدي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ محنت ۽ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيو آهيان ۽ انشاءَ الله 2018ع ۾ نه رڳو بجلي جي کوٽ ختم ٿيندي پر بجلي سستي به ٿيندي ۽ غريبن ڏانهن جيڪي ڊگها بل اچن ٿا ان ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ايندي، ان سان آبادگارن ۽ صنعتڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو بلڪه حقيقت ۾ ملڪ کي فائدو ٿيندو، اسان جون مصنوعات عالمي منڊي ۾ وڪرو ٿينديون، لاڳت گهٽ ٿيندي، عام ماڻهو کي فائدو ٿيندو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيندا، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي، صنعتون لڳڻ سان بدحالي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو ۽ خوشحالي ايندي، سڄي ملڪ ۾ رستا ۽ موٽريز ٺهندا، ان سان خيبرپختونخواهه، فاٽا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو اينديون ۽ وڇوٽيون ختم ٿينديون، ملڪ ۾ ترقي جو ڦيٿو هلندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ٿي وئي آهي ۽ انشاءَ الله جلد ئي باقي رهيل دهشتگردي به ختم ٿي ويندي، ڪراچي ۾ امن بحال ٿيندو ۽ دهشتگردي ختم ٿيندي، جهالت جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان اهي ڪاميابيون حاصل ڪندو جيڪي گذريل 70 سالن ۾ حاصل ناهي ڪري سگهيو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ جن ماڻهن ملڪ مان اونداهيون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم نه ڪيو انهن کان پڇڻ گهرجي ته هنن ملڪ ۽ عوام سان اهو سلوڪ ڇو ڪيو ۽ پنهنجون ذميواريون پوريون ڇو نه ڪيون، ڇو ماضي ۾ بجلي سستي ڪرڻ جي لاءِ قدم نه کنيا ويا. وزيراعظم چيو ته اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ کي دهشتگردي جو مسئلو درپيش هو، 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، معيشت جي خراب حالت هئي، اڄ الحمدالله هڪ هڪ ڪري سڀ مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ڌرڻن ۽ احتجاج جي ضرورت نه آهي، اهي ملڪ جي لاءِ نقصانڪار آهن، الله الله ڪري اسان صحيح رخ تي هليا آهيون، ڌرڻن ۽ احتجاج ذريعي ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن، هي اسان سڀني جو پاڪستان آهي، هن ملڪ ۽ عوام تي رحم ڪريو ۽ سياست جي خاطر ملڪ جي مفاد کي قربان نه ڪريو. وزيراعظم چيو ته هاڻي پاڪستان مشڪلاتن مان نڪري رهيو آهي جيڪي مشڪلاتون رهجي ويون آهن اهي به جلد ختم ٿي وينديون. هن چيو ته 340 ميگاواٽ جو سي فور منصوبو 2017ع جي وچ ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر ان کي اپريل 2017ع تائين مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، ان تي آئون منصوبي تي ڪم ڪندڙ ذميوارن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو ۽ انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم پاڪ چين دوستي زندهه آباد تي پنهنجي تقرير ختم ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد نواز شريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري 340 ميگاواٽ جي چشما ٿري جوهري بجلي گهر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ ان جا مختلف حصا ڏٺا، ڪنٽرول روم ۾ وزيراعظم کي پلانٽ مئنيجر رياض خالق انصاري منصوبي بابت بريفنگ پڻ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هي جديد ترين ڪنٽرول روم آهي، منصوبو چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي گڏيل تعاون سان مڪمل ڪيو ويو آهي جيڪو ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. چشما ون ۽ چشما ٽو پراجيڪٽ جي ڪامياب آپريشن کانپوءِ هي ٽيون منصوبو آهي. چشما فور نيوڪليئر پاور جو منصوبو 2017ع ۾ مڪمل ٿيندو جڏهن ته ڪراچي نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ ڪي 2 ۽ ڪي 3 سان 2030ع تائين قومي گرڊ ۾ 8800 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيندو جيڪو پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي لاءِ وچ مدي وارو هدف آهي. پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي چشما ٿري سميت سمورن نيوڪليئر پاور منصوبن جي منظوري ڏني آهي جيڪا انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي معاهدن جي جوهري معيارن جي عين موجب آهي. چشما ٿري پاور پلانٽ پاڪ چين گڏيل تعاون جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. ان سان صنعتي ۽ واپاري شعبن کي توانائي جي فراهمي ذريعي ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب جي آخر ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين محمد نعيم وزيراعظم کي سووينيئر پيش ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:00