مريم اورنگزيب پاران محترمه بينظير ڀٽو کي ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش

مريم اورنگزيب پاران محترمه بينظير ڀٽو کي ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27دسمبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو هڪ سياسي اڳواڻ جي حيثيت سان جمهوريت جي لاءِ جنگ وڙهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي پر ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس ورسيءَ تي جهڙي قسم جي سياسي سرگرمي منعقد ڪئي وئي اها انتهائي نامناسب هئي، بلاول ڀٽو زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ خوش آئنده آهي پر کيس پنهنجي والده جي سياسي زندگي مان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي پاران محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو کل جوڳو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندي. هن ڪالهه اڱاري ڏينهن مختلف نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاناما تي سياست ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي محترمه جي ورسيءَ تي عوام کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ گڏ ڪيو. هن چيو ته سندس ورسيءَ جي موقعي تي جلسي جا جيڪي منظر هئا ان ۾ رقص ڪيو ويو ۽ دهول وڄايا ويا جيڪو انتهائي غيرمناسب هو. هن چيو ته بينظير ڀٽو هڪ ويزن ليڊر هئي، بينظير ڀٽو جي شهادت جي جاچ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ماضي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جيڪا کل جوڳي آهي. هن چيو ته 5 سالن تائين سندن حڪومت رهي، ان دوران هنن ڪا جاچ نه ڪرائي، جيڪڏهن هو پنهنجي دور ۾ هڪ ڪميشن ئي ٺاهي ڇڏين ها ته گهٽ ۾ گهٽ اها پنهنجي رپورٽ ئي پيش ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته اهو پيپلزپارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جي لاءِ هڪ سوال آهي ته ائين ڇو نه ڪيو ويو، انهن کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته هو قاتلن جي گهٽ ۾ گهٽ نشاندهي ڪري ڇڏين ها. بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ سياسي اڳواڻ جي طور تي سامهون اچي سگهي ٿو. هن چيو ته بلاول ڀٽو کي محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي زندگي مان سکڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هو هڪ وڏي اڳواڻ هئي ۽ سندس زندگي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ سان سندس بهتر سياسي تربيت ٿيندي. پيپلزپارٽي پاران سياسي لانگ مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اعلان ڪري وقت کان اڳ ۾ اليڪشن موڊ ۾ هلي وئي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ اڃا ڏيڍ سال باقي آهي. پيپلزپارٽي کي لانگ مارچ جو اعلان ڪرڻو هو پر اها ڳالهه واضح آهي ته پاڪستان جي عوام لانگ مارچ ۽ ڌرڻن جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هڪ ٻي سياسي پارٽي گذريل ٽن سالن کان ڌرڻا ۽ مارچ جي سياست ڪري مايوس ٿي چڪي آهي. هن چيو ته هاڻي جيڪي چونڊون ٿينديون انهن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ وڌا ويندا. پيپلزپارٽي کي گهرجي ته هو سنڌ تي پنهنجو ڌيان ڏي ۽ 2018ع ۾ اهڙا ڪي ٽي ڪم ٻڌائي سگهي جن سان سندن ڪارڪردگي ظاهر ٿيندي هجي ته جيئن هو چونڊن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي حصو وٺي سگهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت ان لاءِ رليف محسوس ڪري رهي آهي ڇو ته هو بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي. ان سوال ته آصف علي زرداري چيو آهي ته مون سياست محمد نواز شريف کي ڏني هئي اطلاعات واري وزير چيو ته الله تعاليٰ ۽ عوام وزيراعظم محمد نواز شريف کي وزارت عظميٰ جو ٽيون ڀيرو عهدو ڏنو آهي ۽ وزيراعظم نواز شريف امانت جي طور تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگي جو گذريل حڪومتن جي 35 سالن جي ڪارڪردگي سان ڀيٽ ڪري وٺو، توهان کي خبر پئجي ويندي ته مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪردگي بهتر آهي ۽ اها ڏينهن رات عوام جي خدمت جي لاءِ ڪم ۾ مصروف آهي. اي پي پي/ع – ک 21:14