پاڪستان ۽ ازبڪستان کي معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان ۽ ازبڪستان کي معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان کي معاشي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ گڏيل واپار مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم اوگبڪ روزي ڪولوف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ازبڪ وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن جي هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ازبڪستان جي شاندار سالياني معاشي ترقي ۽ توانائي جا ڀرپور وسيلا ۽ پاڪستان جو وسيع صنعتي ۽ زرعي بنياد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري تعاون ۾ اضافي جي لاءِ هڪ مثالي ماحول فراهم ڪري ٿو. هن شوڪت مرزي يويوف کي جمهوريه ازبڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا ازبڪستان سان ويجها، دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ گڏيل تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائديمند تعاون جي بنياد تي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. پاڪستان ازبڪستان سان سمورن شعبن خاص طور تي معاشي، توانائي جي لاءِ تعاون، رابطن ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، شين جي آزاداڻي چرپر ۽ سروسز ۾ سهولتن جي لاءِ واپاري پاليسين ۾ مناسب سڌارا آڻڻا پوندا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي خطي ۾ خاص طور تي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي نظر ۾ رکندي واپاري صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ گڏيل ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي گڏيل ڪميشن جي بحالي ۽ پاڪستان ازبڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ ۾ ازبڪستان جي شموليت ۽ گوادر جي بندرگاهه مان فائدن جو منتظر آهي. وزيراعظم زرعي مشينري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ ازبڪستان جي ٺوس تجويزن جي آجيان ڪئي جن جو هن وقت واپار واري وزارت ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جائزو وٺي رهيون آهن. ازبڪ نائب وزيراعظم پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀرپور واپاري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. ازبڪستان جي نائب وزيراعظم وزيراعظم محمد نواز شريف کي ازبڪ صدر پاران ازبڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي وزيراعظم قبول ڪري ورتو. اي پي پي/ع – ک 18:42