پاڪستان ۽ ازبڪستان انتهاپسندي جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا: صدر ممنون حسين

پاڪستان ۽ ازبڪستان انتهاپسندي جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان انتهاپسندي جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قوم دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي ۽ دهشتگردي هاڻي ٻيهر ڪنڌ کڻي نه سگهندي. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم الغ بيگ رزاقولوف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ازبڪستان جي سفير کانسواءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي اعليٰ وفدن پڻ شرڪت ڪئي. صدر شوڪت مرزائيف کي ازبڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته سندس حڪومت جي دور ۾ به پاڪ ازبڪ لاڳاپا بلندين تائين پهچندا. ان موقعي تي صدر ازبڪستان جي صدر اسلام ڪريموف جي لاڏاڻي تي پنهنجي، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مذهب، ثقافت ۽ جاگرافيائي لحاظ کان مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پاڪستان ازبڪستان سان توانائي، معيشت ۽ هيومن ريسورس جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان واپار ۾ وڌيڪ اڳڀرائي پڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته ازبڪستان، پاڪستان جو دوست آهي. هن چيو ته مرحوم صدر اسلام ڪريموف پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شرڪت جو خواهشمند هو. اميد آهي ته ازبڪستان جي حڪومت ان سلسلي کي اڳيان وڌائيندي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان کي دهشتگردي جي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪنڌ نه کڻي سگهندي، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار انتهائي گهٽ آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپاري وفدن جي مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو ثقافتي ورثو گڏيل آهي، پاڪستان ازبڪستان جي توانائي جي ذخيرن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي جي مهارت مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته ازبڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جا مهمان اسان جي دل جي ويجهو آهن. هن چيو ته پاڪ ازبڪ لاڳاپن کي گڏيل تعاون جي نئين بلندين تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي ازبڪ جي نائب وزيراعظم الغ بيگ رزاقولوف چيو ته پاڪستان سان دوستي ازبڪستان جو اثاثو آهي ۽ اسان هر شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏينداسين. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:24