قائداعظم محمد علي جناح جي مزار قائد تحفظ، سارسنڀال آرڊيننس تحت تعمير ڪئي وئي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

قائداعظم محمد علي جناح جي مزار قائد تحفظ، سارسنڀال آرڊيننس تحت تعمير ڪئي وئي: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مزار قائد تحفظ، سارسنڀال آرڊيننس تحت تعمير ڪئي وئي ۽ 1971ع آئين جي شق 2 تحت قومي يادگار قرار ڏنو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر نگهت شڪيل خان جي سوال تي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت لکت ۾ ٻڌايو ته هن وقت ڪراچي ۾ مزار قائد قومي يادگار آهي.