سينيٽ پاران 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ واپس وٺڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور

سينيٽ پاران 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ واپس وٺڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) سينيٽ 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ واپس وٺڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر عثمان سيف الله خان قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان سفارش ڪري ٿو ته رقم جي ناجائز گردش کي روڪڻ، بئنڪ اڪائونٽس جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ۽ غيردستاويزي معيشت جي ڪاٿي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 5 هزار رپين جو ڪرنسي نوٽ واپس وٺڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. هن قرارداد تي ڳالهائيندي چيو ته 5 هزار رپين جو نوٽ بند ڪيو وڃي ۽ نوٽ تبديل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ٽي کان چار سالن جو وقت ڏي. ڪيترن ئي ملڪن وڏا نوٽ ختم ڪيا آهن. يورپ 500 يورو ۽ ڪئناڊا 2 هزار ڊالر جا نوٽ ختم ڪيا. وڏا نوٽ ختم ڪرڻ سان دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي اڳيان اچڻو پوندو. اسان کي هن قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر عتيق شيخ چيو ته جعلي نوٽن جي گردش به اهڙي طرح ختم ٿيندي. هي ڀارت جي پيروي نه آهي پر ٻين ملڪن ۾ به ائين ٿيو آهي. قانون واري وزير زاهد حامد ان موقعي تي وضاحت ڪئي ته پاڪستان ۾ ننڍن نوٽن جي گردش 5 هزار جي نوٽن کان وڌيڪ آهي. ان جي بندش سان ڪاروباري صورتحال متاثر ٿيندي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نيون بئنڪ برانچون ٺاهيون وڃن ته جيئن ماڻهو وڌ کان وڌ بئنڪ ذريعي رقم ٽرانسفر ڪن. ڀارت اها اسڪيم شروع ڪري پاڻ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو آهي. سينيٽ چيئرمين قرارداد تي ايوان جي راءِ ورتي، سينيٽ قرارداد جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.