بلدياتي ادارن جي بهتر طور ڪم کانسواءِ جمهوريت وڌي ويجهي نٿي سگهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بلدياتي ادارن جي بهتر طور ڪم کانسواءِ جمهوريت وڌي ويجهي نٿي سگهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 6دسمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بلدياتي ادارن جي بهتر طور ڪم کانسواءِ جمهوريت وڌي ويجهي نٿي سگهي، بلدياتي ادارا قومي قيادت جي لاءِ نرسري وانگر ڪم ڪن ٿا. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صوبائي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اڳواڻن وزيراعظم کي صوبي ۾ بلدياتي ادارن جي چونڊن کانپوءِ ميئرز ۽ ڊپٽي ميئرز جي چوندن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته بلدياتي ادارا صوبائي ۽ قومي سطح تي تربيت يافته ۽ باصلاحيت قيادت فراهم ڪن ٿا. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، پيٽروليم واري وزير شاهد خاقان عباسي، ترقي، منصوبابندي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق شرڪت ڪئي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ سينيٽر پرويز رشيد، وزيراعظم جو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، قومي اسيمبلي ميمبر حمزه شهباز شريف، پنجاب وارو ليبر جو وزير راجا اشفاق سرور، پنجاب جو قانون وارو وزير رانا ثناءُ الله خان، پنجاب جي ترقي ۽ منصوبابندي وارو وزير ملڪ نديم ڪامران، پنجاب جو بلديات وارو وزير منشاءَ الله بٽ، سينيٽر سعود مجيد، ايم اين اي مهر اشتياق احمد، ايم اين اي محمد پرويز ملڪ ۽ سميع الله خان شامل هئا.