سينيٽ جي خوراڪ جي قومي تحفظ ۽ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

سينيٽ جي خوراڪ جي قومي تحفظ ۽ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 6دسمبر 2016ء) سينيٽ جي خوراڪ جي قومي تحفظ ۽ ريسرچ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي خميس ڏينهن نيشنل اينڊ هاءِ ويليو ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ شنڪياري ۾ ٿيندو. پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ جا سائنسدان ڪميٽي کي چانهه، ان جي پوکائيءَ ۽ ان جي مختلف قسمن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندا. سينيٽرز، قومي تحفظ خوراڪ ۽ ريسرچ واري وزارت جا اعليٰ عملدار ۽ پي اي آر سي جا سينئر سائنسدان پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. سينيٽر سيد مظفر حسين اجلاس جي صدارت ڪندو.