بئنڪن مان قرض معاف ڪرائڻ جو معاملو پاناما پيپرز جي جاچ لاءِ تجويزڪيل ڪميشن جي ٽي او آرز ۾ شامل ڪيو پيو وڃي: زاهد حامد

بئنڪن مان قرض معاف ڪرائڻ جو معاملو پاناما پيپرز جي جاچ لاءِ تجويزڪيل ڪميشن جي ٽي او آرز ۾ شامل ڪيو پيو وڃي: زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته بئنڪن مان قرض معاف ڪرائڻ جو معاملو پاناما پيپرز جي جاچ لاءِ تجويز ڪيل ڪميشن جي ٽي او آرز ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، احتساب آرڊيننس تحت بئنڪون باقيدارن خلاف قرضن جي وصولي لاءِ فوجداري ڪيس داخل ڪري سگهن ٿيون، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر اعظم سواتي ۽ سينيٽر عتيق شيخ جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت مالياتي ادارن کي ناقابل ادا قرضن جي تيز وصولي جي لاءِ بئنڪاري عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قرض معاف ڪرائڻ جي معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس جمشيد علي شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن به جوڙيو ويو هو، ڪميشن 1970ع کان 1991ع ۽ 1991ع کان 2009ع تائين قرض معاف ڪرائيندڙن جي معاملي جو جائزو ورتو، هن چيو ته ٽي او آر ۾ اسان اها تجويز ڏني آهي ته جسٽس جمشيد علي شاهه جي سفارشن کي به تجويز ڪيل ڪميشن غور هيٺ آڻي. اي پي